ايران ۾ اٺ هزار پاڪستاني موجود آهن، واپسي جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي: ڄام ڪمال

news

ڪوئٽه: (جمعو 03 اپريل 2020ع) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته ڪورونا وائرس جو سيلف آئسولسيشن جي سواءِ ڪوبه علاج ناهي.

بولان ميڊيڪل ڪامپليڪس جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته يورپ، چين، آمريڪا ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪ تمام گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ لاڪ ڊائون ڪرڻ تي مجبور ٿيا.

هن چيو ته ڪوئٽه جي اسپتالن ۾ سهوليتن ۾ واڌ ڪري 2 کان اڍائي هزار ماڻهن جي علاج جي گنجائش بنائي رهيا آهيون. ڪوئٽه جي سرڪاري اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرز جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ اسان وٽ 79 کان 80 وينٽي ليٽر ٿي ويا آهن. ڄام ڪمال ٻڌايو ته چين يا ٻين ملڪن مان جيڪي شيون يا طبي اوزار اچي رهيا آهن اهي وفاقي حڪومت وٽ ايندا جيڪي  صوبن ۾ اين ڊي ايم اي جي ذريعي ورهايا ويندا.

هن چيو ته ايران ۾ هن وقت به 6 کان 8 هزارن تائين پاڪستاني موجود آهن.  کين پاڪستان آڻڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت ڪندي. وڏي وزير چيو ته اسان صوبي جي ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي ذريعي امدادي شين جي ورهاست شروع ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن صنعتڪار ڪورونا جي سلسلي ۾ اسان جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا ته اسان ان سلسلي ۾ ميڪنيرم ٺاهي ڇڏيو آهي.