سنڌ ۾ اڄ ٻنپهرن جو ٻارنهن وڳي کان ٽين وڳي تائين اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو

news

ڪراچي: (جمعو 03 اپريل 2020ع)سنڌ ۾ اڄ ٻنپهرن جو 12 وڳي کان 3 وڳي تائين اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي.

رپورٽ سنڌ جي گهرو وزارت سڄي صوبي ۾ جمعي جي ڏينهن 3 ڪلاڪ انتهائي سخت لاڪ ڊائون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت 12 وڳي کان ٻنپهرن جو 3 وڳي تائين نه ڪا دڪان کولي ويندي ۽ نه ئي ڪا ٽرانسپورٽ هلندي. جڏهن ته شهرين جي چرپر جي اجازت به ناهي ڏني وئي. ڀڃڪڙي ڪندڙ ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

سنڌ حڪومت صوبي ۾ لاڪ ڊائون جي مدت ۾ واڌ جو به باقاعده اعلان ڪيو آهي جنهن جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت سڄي صوبي ۾ لاڪ ڊائون تحت پابندين جو لاڳو ٿيڻ 14 اپريل تائين رهندو. نوٽيفڪيشن موجب لاڪ ڊائون دوران سمورن عوامي، سياسي مذهبي ۽ ٻين اجتماعن تي پابندي هوندي. صرف مقرر وقت جي دوران مخصوص ڪاروباري سرگرميون ڪري سگهبيون. مسجدن ۾ 3 کان 5 ماڻهو جماعت سان گڏ نماز ادا ڪري سگهندا.

عام شهري ظهر جي نماز گهر تي ئي ادا ڪري سگهندا. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جنازي جي نماز ۽ تدفين کان علاوه هر قسم جي اجتماعن تي پابندي هوندي. جنازي جي نماز ۽ تدفين جي موقعي تي به احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻيون پونديون. جڏهن ته سنڌ ۾ سمورا انٽرسٽي ٽرانسپورٽ سروس به بند رهندا ۽ بين الصوبائي ٽرانسپورٽ جي چرپر تي  به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.