سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ مستحقن جي لاءِ راشن جي ورهاست جو نظام واضح ڪري ڇڏيو

news

ڪراچي: (جمعو 03 اپريل 2020ع) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ مستحقن جي لاءِ راشن جي ورهاست جو نظام واضح ڪري ڇڏيو آهي.

ڪمشنر ڪراچي هدايت ڪئي آهي ته راشن صرف گهرن تي ورهايو وڃي ۽ راشن جي ورهاست جو وقت شام 5 وڳي کان 7 وڳي يا پوءِ رات دير تائين جاري رکيو ويندو. ڪمشنر ڪراچي وڌيڪ هدايت ڪئي آهي ته  راشن غريب ۽ مستحق ماڻهن ۾ يونين ڪائونسل جي سطح تي ورهايو ويندو.

واضح رهي ته سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون دوران مستحق ماڻهن ۾ گهر گهر راشن ورهائڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن تي اڃان تائين عمل ٿيندي نظر ناهي آيو. ان کان علاوه لاڪ ڊائون دوران ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ طبقو انتهائي پريشاني جو شڪار آهي.