ڪورونا جي خلاف جنگ: چين آمريڪي الزامن کي شرم جوڳو قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو

news

بيجنگ: (جمعو 03 اپريل 2020ع)  چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڪورونا وائرس بابت هڪ ٻئي تي الزام لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي. چين ڪورونا وائرس جا انگ لڪائڻ جي آمريڪي الزام کي شرم جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام جي صحت تي سياست نه ڪرڻ گهرجي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران بريفنگ دوران آمريڪا تي الزام لڳايو ويو هو ته هو ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ شڪ ۽ وسوسا پيدا ڪري رهيو آهي. عورت ترجمان چيو ته ڊسمبر 2019 ۾ ڪورونا جو پهريون مريض ووهان ۾ سامهون آيو هو ۽ چين جي حڪومت ان وقت کان ئي ڪم شروع ڪري ڇڏيو هو. آمريڪي اختياريون اسان جي مٿان صرف الزام  لڳائڻ چاهين ٿيون جڏهن ته حقيقت ۾ اسان هنن سان بحث ۾ نٿا پوڻ چاهيون پر جيڪڏهن الزامن جو سلسلو جاري رهندو ته مجبور ٿي اسان کي حقيقتون واضح ڪرڻيون پونديون.

ترجمان  سوال ڪيو ته آمريڪا 2 فيبروري تي چيني شهرين کي پنهنجي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي هئي ته ڇا ڪو اهو ٻڌائڻ پسند ڪندو ته هينئر تائين اتي جي حڪومت ڪورونا بابت ڪهڙا قدم کنيا آهن.؟ تازو ئي خبر هلي هئي ته وائٽ هائوس ۾ هڪ رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن موجب چين پنهنجي ملڪ ۾ ڪورونا سبب ٿيندڙ فوتگيون ۽ ڪيسن جا انگ لڪائي رهيو آهي.

آمريڪي صدر چيو هو ته  منهنجي سامهون اهڙي ڪابه رپورٽ پيش ناهي ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو هجي ته چين ڪورونا وائرس بابت انگ اکر لڪائي رهيو آهي.