ڪورونا وائرس: پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ پنجاسي لک ماڻهن جي بيروزگار ٿيڻ جو امڪان

news

اسلام آباد: (جمعو 03 اپريل 2020ع) انساني حقن تي نظر رکندڙ اداري هيومن رائٽس واچ امڪان ظاهر ڪيو آهي ته  ڪورونا سبب پاڪستان ۾ هڪ ڪروڙ پنچاسي لک ماڻهو بيروزگار ٿي سگهن ٿا.

هيومن رائٽس جي اداري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي اپيل ڪئي آهي ته هيٺين طبقي جي مدد لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته  حڪومت مزدور ۽ هيٺين طبقي جي مدد ڪري نه ته هي ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا.

پاڪستان جي حڪومت  کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جنهن سان معاشي نقصان سبب گهٽ آمدني واري طبقي جي صحت متاثر نه ٿئي.

معاشي طور تي پوئتي پيل ماڻهو ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿي سگهي ٿو جنهن ڪري حڪومت کي ان جي تحفظ جي لاءِ فوري طور تي رستو ڳولڻ گهرجي.