ماهره خان پاران ماڻهن کي وزيراعظم جي ڪورونا فنڊ ۾ امداد ڏيڻ جي درخواست

news

ڪراچي: (جمعو 03 اپريل 2020ع) اداڪاره ماهره خان ماڻهن کي وزيراعظم جي ڪورونا فنڊ ۾ امداد ڏيڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان پهرين اپريل تي ڪورونا وبا جي خلاف قومي مدافعت ۾ مدد ۽ ماڻهن جي امداد جي لاءِ ڪورونا ريليف فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته مان چاهيان ٿو ته سڀ هن فنڊ ۾ پنهنجو حصو وجهن ته جيئن ماڻهن جي بهتر ديک بهال ٿي سگهي. جنهن کي  لاڪ ڊائون سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي.

ماهره خان ماڻهن کي درخواست ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ريليف فنڊ ۾ پنهنجي حيثيت موجب عطيا جمع ڪرايو. ياد رهي ته ماهره خان کان اڳ اداڪاره مهوش حيات به ماڻهن کي وزيراعظم جي ريليف فنڊ ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جي درخواست ڪري چڪي آهي.

پنهنجي وڊيو پيغام ۾ مهوش حيات چيو هو ته ڪورونا سبب ٿيندڙ لاڪ ڊائون کان پوءِ ماڻهو گهرن ۾ ويهي رهيا آهن اسان کي سندن زندگيون بچائڻ جي لاءِ اڳيان اچڻو پوندو. اسان سڀني کي ملي هن جنگ کي کٽڻو آهي.