داد لغاري ۽ ڀرپاسي ڪڻڪ جو فصل لھڻ شروع، خريداري مرڪز نه کليا، آبادگارن کي ڳڻتي ورائي وئي

news

داد لغاري: (رپورٽ: اياز احمد پتافي) داد لغاري ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لھڻ شروع ٿي ويو پر خريداري مرڪز نہ کلي سگھيا آھن. جنھن  سبب آبادگار پريشانين ۾ وٺجي ويا آھن.

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته جيڪڏھن فوڊ سينٽر وقت سر نہ کليو تہ سستي اگھ تي ڪڻڪ وڪرو ڪرڻ تي مجبور ٿي واپارين ھٿان ڦرجي وينداسين

رپورٽ موجب داد لغاري جي مختلف علائقن ڪينجھر پتافي ساجن اڏو کروھي يارو لنڊ، باري اڏو سميت ٻين علائقن ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل تيار تي لھڻ شروع ٿي ويو آھي پر سرڪار اڃا تائين داد لغاري جو فوڊ سينٽر نہ کوليو آھي.

جنھن سبب داد لغاري سميت مختلف علائقن جا آبادگار سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن. آبادگارن جو انھي حوالي سان چوڻ آھي تہ سرڪاري اگھ جيڪو مقرر ڪيو ويو آھي اھو چوڏنھن سئو روپيا مقرر ڪيو ويو آھي، جيڪڏھن خريداري مرڪز وقت سر ني کليو تہ اسان مجبور ٿي پونداسين ۽ شھر جا واپاري اسان کان ڪڻڪ في مڻ تي ٻه کان ٽي سئو رپيا گھٽ اگھ تي وٺندا.

جڏھن تہ فوڊ سينٽر نه کلڻ سبب آبادگار وڌيڪ پريشان نظر اچي رھيا آھن، آبادگارن حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي تہ دادلغاري جو فوڊ سينٽر وقت سر کولي واپارين ھٿان لٽجڻ ۽ وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي.