اسلام آباد ۾ آن لائن پئمنٽ ۽ مني چينجر شاپ پنجن ڏينهن تائين کليل رهندا

news

اسلام آباد: شهر اقتدار جي شهرين کي سهولت ڏيڻ لاءِ اسلام آباد ضلعي انتظاميا شهر ۾ آن لائن پئمنٽ ۽ مني چينجر شاپ 5 ڏينهن تائين کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.

آن لائن پئمنٽ ۽ مين چينجر شاپ صبح 8 وڳي کان رات 9 وڳي تائين کليل رهندا.

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد حمزه شفقات جو چوڻ هو ته شهرين کي رقم منتقلي ۽ وصولي ۾ ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پئجي رهيو هو، شهرين جي ڏکيائين کي سامهون رکندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ڊي سي اسلام آباد ان ڏس ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.