وزيراعظم پاران تعميراتي شعبي کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو اعلان

news

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان تعميراتي شعبي کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان سال تعميراتي شعبي ۾ جيڪو به رقم لڳائيندو، ان کان آمدني جو ذريعو نه پڇيو ويندو.

سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي هن تعميراتي شعبي جي لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڪنسٽرڪشن جي شعبي ۾ فڪس ٽيڪس جو نفاذ ڪري رهيا آهيون.

وزيراعظم عمران خان چيو ته تعميراتي شعبي ۾ جيڪڏهن 100 رپين جو ٽيڪس هوندو ته ان مان 90 رپيا معاف ڪري ڇڏينداسين.

هن اعلان ڪيو ته گهر وڪرو ڪرڻ تي به ڪيپيٽل گين ٽيڪس نه لڳندو.

عمران خان چيو ته صوبن سان ملي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي آڻي رهيا آهيون، هن ٻڌايو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي لاءِ 30 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون.

وزيراعظم سينيئر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت گڊز ٽرانسپورٽ کي به کليل رکيو ويو آهي.