شھدادپور ميونسپل ڪميٽي جي صفائي واري عملي پاران پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو

news

شھدادپور: ميونسپل ڪميٽي شھدادپور جي صفائي واري عملي پاران پگھارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف شام ڪمار، جاويد ڪپور ۽ سنيل ڪمار جي اڳواڻي ۾ ميونسپل ڪميٽي آفيس  جي مين گيٽ آڏو چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ۾ ٻھاريدار عورتون پڻ شريڪ ٿيون، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير 25 تاريخ تي پگھارون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر هن مھل تائين اسان کي پگھارون جاري نه ڪيون ويون آهن.

هنن چيو ته سنڌ ۾ خطرناڪ ڪورونا وائرس هجڻ باوجود اسان پنھنجي زندگي داءُ تي لڳائي سموري شھر جي صفائي ڪري رهيا آهيون پر وائرس کان بچاءُ لاءِ ڪي به حفاظتي سامان مھيا نه ڪيو ويو آهي.

هنن چيو ته گھرن ۾ ٻار بک تي ويٺل آهن، فاڪا ڪاٽڻ تي مجبور آهيون پر انتظاميه پگھارون ڏيڻ بجاءِ قسط نه اچڻ جو جواز ڄاڻائي ڌڪا ڏئي واپس موٽائي ڇڏين ٿا. 

هنن چيو ته ٻين شھرن ۾ صفائي عملي کي پگهارون ڏنيون ويون آهن پر شھدادپور ميونسپل ڪميٽي چيئرمين ۽ انتظاميا پگهارن لاءِ رلائي رهي آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي فوري طور پگهارون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.