ڏوڪري لڳ ڳوٺ ادريس ڪلهوڙو ۾ گهٽي مان گذرڻ تان جهيڙو، چار ڄڻا زخمي

news

ڏوڪري: ڏوڪري تعلقي جي ڪچي جي ڳوٺ ادريس ڪلهوڙو ۾ گهٽي مان گذرڻ تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران چار ڄڻا زخمي ٿي پيا.

ڏوڪري ڀرسان فتح پور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ادريس ڪلهوڙو ۾ گهٽي مان گذرڻ تان ڪلهوڙو برادري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ گل محمد ڪلهوڙو، سبحان بخش ڪلهوڙو، مولا بخش ڪلهوڙو ۽ نبي بخش ڪلهوڙو زخمي ٿي پيا.

زخمين کي طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته واقعي جو اطلاع فتح پور ٿاڻي تي ڏنو ويو.

هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.