پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ايڪيتاليهين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي

news

ڪراچي(ڇنڇر 04 اپريل 2020ع)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 41هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي.

ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي ڳڙهي خدا بخش ۾ ورسي جي اهم تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي. 5 جنوري 1920 تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيندڙ  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪيليفورنيا ۽ آڪسفورڊ مان قانون جي تعليم حاصل ڪئي.

بهترين شخصيت جي مالڪ ذوالفقار علي ڀٽو سياست جي شرعات 1958ع ۾ ڪيو ۽ ايوب خان جي حڪومتي دور  ۾ پرڏيهي وزير سميت ٻين اهم عهدن تي مقرر رهيو.

ذوالفقار علي ڀٽو جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪيل پرجوش تقرير اڄ به پاڪستانين جي دل ۾ محفوظ آهي جيڪا کين اڄ تائين وسري ناهي سگهي.