ڪورونا وائرس آمريڪا ۾ تباهي مچائي ڇڏي، هڪ ئي ڏينهن دوران چوڏنهن سئو اسي فوت

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 04 اپريل 2020ع)  آمريڪا ۾ ڪورونا وائرس سبب هڪ ئي ڏينهن دوران 1480 ڄڻا فوت ٿي ويا. جيڪو هينئر تائين آمريڪا ۾ 24 ڪلاڪن دوران ٿيندڙ فوتگين ۾ سڀني کان وڏو انگ آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب صرف نيويارڪ رياست ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جتي فوتين جو انگ ساڍا 3 هزار جي ويجهو پهچي ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪا ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن هڪ هزار کان وڌيڪ فوتگين کان پوءِ ٽرمپ انتظاميه فيصلو ڪيو آهي ته گهر مان نڪرڻ وارن جي لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو. آمريڪي انتظاميه طرفان منهن کي ڍڪڻ جي لاءِ ماڻهن کي ڪپڙي جو ماسڪ استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ان حوالي سان چيو آهي ته سينٽرفارڊيزيز ڪنٽرول طرفان زور ڏنو ويو هو ته سمورا ماڻهو پنهنجي منهن کي ڍڪين. ماسڪ پائڻ لازمي ناهي پر جيڪا ماڻهو پائڻ چاهين ٿا انهن کي اجازت هوندي. مان به ماسڪ ناهي پهتو.

آمريڪي ميڊيا ڪورونا وائرس جي خاموشي سان پکيڙ بابت جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڪورونا جي عالمي وبا جي شڪل اختيار ڪرڻ کان اڳ 34 لک ماڻهو آمريڪا آيا.

رپورٽ موجب اهي ماڻهو ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري ۾ آمريڪا آيا، سفري پابندي کان اڳ صرف چين مان ئي 7 لک 50 هزار ماڻهو آمريڪا آيا.

ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب آمريڪا ۾ هينئر تائين 2 لک 77 هزار 400 کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا. جڏهن ته ساڍا 7 هزار کان وڌيڪ فوتگيون ٿي چڪيون آهن.