ٽنڊو ڄام: امدادي راشن ورهائڻ لاءِ مختيارڪار آفيس ۾ گهرايل اجلاس ۾ هنگامو

news

ٽنڊو ڄام: امدادي راشن ورهائڻ لاءِ مختيارڪار آفيس ۾ گهرايل اجلاس ۾ هنگامو، اجلاس مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، اجلاس بنا نتيجي ختم، چوٿون ڀيرو نيون لسٽون ٺاهڻ جون هدايتون جاري.

رپورٽ موجب ڪورونا وائرس کان بچاءُ سبب سنڌ سرڪار طرفان لاڪ ڊائون ڪرڻ سبب پورهيت طبقي جي متاثر ٿيڻ ڪري سرڪار طرفان متاثرن کي امدادي راشن گهر گهر پهچائڻ واري اعلان جي سلسلي ۾ گذريل ڏينهن تعلقي حيدرآباد ٻهراڙي جي مختيارڪار جي سربراهي ۾ ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام جي ڪائونسلرن ۽ جوڙيل مختلف ڪاميٽين جي ميمبرن جو اجلاس طلب ڪيو ويو.

اجلاس ۾ تعلقي مختيارڪار پاران امداد جي مستحقن جون نيون لسٽون ٺاهڻ واري هدايت ڪرڻ تي اجلاس ۾ هنگامو شروع ٿي ويو ۽ اجلاس مڇي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو. جڏهن ته مختيارڪار جي اجلاس ۾ سرڪار پاران عوام کي مسلسل هڪ ٻئي وچ ۾ سماجي وٿي پيدا ڪرڻ جي اپيل کي پڻ هوا ۾ اڏائيندي هڪ ڪمري ۾ ئي رش ڪئي ويئي ۽ ڪائونسلر توڙي مختلف ڪميٽين جا ميمبر هڪ ٻئي سان گڏ سٿيل نظر آيا.

هنگامو ٿيڻ سبب مختيارڪار اجلاس ختم ڪندي گهر روانو ٿي ويو ۽ نيون لسٽون نه ڏيڻ جي صورت ۾ امدادي راشن نه ملڻ جو اعلان ڪري هليو ويو.

انهي موقعي تي ڪائونسلر عبدالعزيز کوکر، رائو عمران، وجاهت علي چنه، تاجر اڳواڻ رائو افتخار ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مختيارڪار ۽ ضلعي انتظاميا غريب شهرين جي مدد ڪرڻ جي نالي تي مذاق ڪري رهي آهي، اسان کان اڳ ۾ ئي ٽي ڀيرا لسٽون ورتيون ويون آهن ۽ وري چوٿون ڀيرو به اجلاس طلب ڪري نيون لسٽون ٺاهي ڏيڻ جو چئي مذاق ڪئي پئي وڃي.

هنن مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تي غير سنجيدگي جا الزام مڙهيندي چيو ته هڪ طرف غريب طبقو فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ته ٻئي پاسي غريب طبقي جي فوري واهر ڪرڻ بدران اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار فقط اجلاس طلب ڪري لسٽون ٺاهڻ ۽ هر ڀيري نوان نوان طريقا متعارف ڪرائڻ ۾ رڌل آهن. هنن اعلي' اختيارين کان نوٽيس وٺي شهرين کي فوري طور امدادي راشن فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي.