نوازشريف جي خلاف ريفرنس داخل ٿيندو ته ڪارروائي ڪنداسين: عدالت

news

لاهور:(ڇنڇر 04 اپريل 2020ع) لاهور جي احتساب عدالت چيو آهي ته نوازشريف، مريم نواز ۽ يوسف عباس جي خلاف ريفرنس داخل ٿيو ته ڪارروائي شروع ٿيندي.

احتساب عدالت لاهور ۾ چوڌري شوگرملز ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ يوسف عباس جي خلاف ڪيس داخل  ڪري ڇڏيو.

عدالت چيو ته ٽنهي جوابدارن جون ضمانتون لاهور هاءِ ڪورٽ منظور ڪري چڪي آهي ۽ قومي احتساب بيورو(نيب) ريفرنس جي بنا ڪارروائي هلائڻ ممڪن ناهي.

عدالت چيو ته جيستائين نيب ريفرنس داخل نه ٿيندو ڪارروائي ڪرڻ ناممڪن آهي. ان لاءِ جڏهن ريفرنس داخل ٿيو ته عدالت ڪارروائي شروع ڪري ڇڏيندي.