ڪورونا وائرس تي قابو پائڻ لاءِ هاڻ چيني طبي ماهرن کان مدد وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي: ياسمين راشد

news

لاهور: پنجاب جي صحت واري وزير ياسمين راشد چيو آهي ته ڪورونا وائرس تي قابو پائڻ لاءِ هاڻ چيني طبي ماهرن کان مدد وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي.

پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد اها ڳالهه چيني ڊاڪٽرن جي 8 رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪئي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ديرپا دوستاڻا لاڳاپا قائم آهن، چين کي ڪورونا وائرس تي ايترو جلدي قابو پائڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

صحت واري وزير وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس تي قابو پائڻ لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿيڻو پوندو.

ياسمين راشد جو اهو به چوڻ هو ته پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو بهترين علاج جاري آهي.