پاڪستان ۾ ڪورونا سبب چاليهه ڄڻا فوت: ڪيسن جو گڏيل انگ ستاويهه سئو کان مٿي ٿي ويو

news

اسلام آباد: (ڇنڇر 04 اپريل 2020ع) پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتين جو انگ 40 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ متاثر مريضن جو گڏيل انگ 2709 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ هينئر تائين ڪورونا سبب فوتگين ۾ سڀني کان وڌيڪ 14 فوتگيون سنڌ ۾ ٿيون آهن. جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 11-11 گلگت ۾ 3 ۽ بلوچستان ۾ هڪ فوتگي ٿي آهي. جمعي تي سڄي ملڪ ۾ 5 فوتگيون رپورٽ ٿيون جيڪي سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيون. سنڌ ۾ 3 فوتگيون ڪراچي ۽ هڪ حيدرآباد ۾ ٿي جڏهن ته ڪي پي ڪي ۾ سوات ۽ مانسهره جا رهواسي 65 ۽ 45 ساله مريض موذي وائرس سبب فوت ٿي ويا. اڄ ڇنڇر ڏينهن ملڪ ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس جا 125 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن جن مان پنجاب ۾ 60، سنڌ 56، اسلام آباد 7 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

پنجاب:

اڄ پنجاب ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 60 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ٿيا آهن. سرڪاري پورٽل موجب صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 1072 ٿي ويو آهي پر صوبائي حڪومت طرفان هينئر تائين 1069 ڪيسن جي تصديق سامهون اچي سگهي آهي. گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صوبي ۾ 1069 ڪيسن جي تصديق ڪئي هئي. صوبي ۾ هينئر تائين ڪورونا سبب 11 ڄڻا فوت به ٿي چڪا آهن   پنجاب ۾ هينئر تائين  ٿيندڙ  11 فوتگين ۾ لاهور ۾ 5، راولپنڊي ۾ 4، جڏهن ته رحيم يار خان ۽ فيصل آباد ۾ هڪ هڪ فوتگي ٿي آهي. جڏهن ته صوبي ۾ هينئر تائين ڪورونا جا 6 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

سنڌ:

سنڌ ۾ اڄ ڇنڇر ڏينهن ڪورونا وائرس جا  هينئر تائين وڌيڪ 56 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا آهن جنهن کان پوءِ صوبي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 839 ٻڌائي وئي آهي. جڏهن ته صوبائي صحت کاتي طرفان 47 نون ڪيسن سان گڏوگڏ 830 ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ صوبي ۾ فوتين جو انگ 14 آهي. صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ 38، حيدرآباد 1، بدين 1، ڄامشورو 2 ۽ ٽنڊو محمدخان ۾ 5 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي. صحت کاتي جي سمري موجب صوبي ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪيس ڪراچي ۾ آهن جن جو انگ 380 آهي.

اسلام آباد: اڄ ڇنڇر تي اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 7 ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي سرڪاري پورٽل تي رپورٽ ڪيا ويا. پورٽل موجب وفاقي گادي واري شهر ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 75 ٿي ويو آهي.

آزاد ڪشمير:

آزاد ڪشمير ۾ اڄ ڇنڇر تي ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 3 ڪيس سامهون آيا آهن  جنهن جي تصديق صحت واري وزير طرفان ڪئي وئي آهي. صحت واري وزير ڊاڪٽر نجي نفقي موجب آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 12 ٿي ويو آهي. صحت واري وزير ٻڌايو ته آزاد ڪشمير ۾ هڪ مريض ڪورونا سبب صحتياب ٿيو آهي.

خيڀرپختونخواهه:

صوبي ۾ جمعي جي ڏينهن ڪورونا سبب وڌيڪ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جنهن کان پوءِ ڪي پي ڪي ۾ ڪورونا سبب ٿيندڙ فوتگين جو انگ 11 ٿي ويو آهي. بلوچستان: بلوچستان ۾ جمعي تي ڪورونا جا وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ صوبي ۾ متاثرن جو گڏيل انگ 175 ٿي ويو آهي. صوبائي حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي موجب 9 ڊاڪٽرن سميت 38 ماڻهن  ۾ مقامي طور تي ڪورونا وائرس منتقل هجڻ جي تصديق ٿي.

گلگت بلتستان: گلگت بلتستان ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 6 ڪيس سامهون آيا. جنهن کان پوءِ علائقي ۾ ڪيسن جو گڏيل انگ 193 ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گلگت بلتستان ۾ هينئر تائين ڪورونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين ۾ وائرس جي سڃاڻپ ڪندڙ ڊاڪٽر اسامه به شامل آهي.