همايون سعيد قرنطينه کان گهر واپس اچي ويو

news

ڪراچي: مشهور پاڪستاني اداڪار همايون سعيد 14 ڏينهن قرنطينه ۾ رهڻ کانپوءِ گهر واپس اچي ويو آهي.

همايون سعيد گهر واپسي جو اعلان فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپليڪيشن انسٽاگرام تي ڏنل هڪ پوسٽ ۾ ڪيو آهي.

اداڪار لکيو آهي ته 14 ڏينهن قرنطينه ۾ رهڻ کانپوءِ آخرڪار اڄ آئون گهر واپس اچي ويو آهيان.

همايون سعيد لکيو ته اداڪار لکيو ته قرنطينه ۾ زندگي تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۾ تمام گهڻو وقت صرف ڪيو آهي ۽ مون کي اهو احساس ٿيو آهي ته الله تعاليٰ مون کي بي شمار نعمتون عطا ڪيون آهن.

اداڪار اهو به لکيو آهي ته هن ڏکي وقت ۾ انشاءَ الله مستحق ماڻهن جي مدد لاءِ هرممڪن طاقت ۽ طرقي سان ڪم ڪندس.

خيال رهي ته همايون سعيد گذريل مهيني آمريڪا کان پاڪستان آيو هئس، جنهن کانپوءِ ان احتياط طور پاڻ کي قرنطينه ڪري ڇڏيو هو.