ست ملڪن ۾ ڪورونا جا اٺ لک کان وڌيڪ ڪيس ظاهر

news

اسلام آباد: (آچر 05 اپريل 2020ع) سڄي دنيا ۾ ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 12 لک کان مٿي ٿي ويو آهي پر 7 ملڪ سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. صرف 7 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 8 لک کان وڌيڪ مريض موجود آهن.

ڪورونا وائرس سبب آمريڪا سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي جتي 311.637 مريض آهن. اسپين 126.168، اٽلي 124.632، جرمني 96.092، فرانس 89.953 ، چين 81.699 ۽ ايران ۾ 55.743 ماڻهو ڪورونا وائرس سبب متاثر آهن. گڏيل طور تي ڪورونا وائرس سبب 64.744 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته 50 هزار کان وڌيڪ فوتگيون صرف 7 ملڪن ۾ ٿيون آهن.

ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويندڙ ماڻهن ۾ سڀني کان وڌيڪ انگ آمريڪا، اٽلي، اسپين، برطانيه، فرانس، جرمني، برطانيه ۽ ايران ۾ آهي. آمريڪا ۾ 8.454، اسپين 11.947، اٽلي 15.362، فرانس 7.560 ۽ ايران ۾ 3.452 ماڻهو ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن.

جڏهن ته برطانيه ۾ فوت ٿي ويندڙ ماڻهن جو انگ 4.313 آهي. ماضي جي نسبت اپريل ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي.

مهيني جي پهرين چئن ڏينهن ۾ 3 لک کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. پهرين اپريل کان پوري دنيا ۾ ڪورونا جا 76836، 2 اپريل 79833، 3 اپريل 101547 ۽ 4 اپريل تي 84791 ڪيس رپورٽ ٿيا.