ڪورونا بابت آگاهي: ڪورونا برگر کان پوءِ حاضر آهي ڪورونا ڪيڪ

news

لاهور: (آچر 05 اپريل 2020ع)  خطرناڪ عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءُ ۽ ان کي روڪڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ آگاهي پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ڪورونا وائرس بابت آگاهي جي لاءِ سڄي دنيا ۾ انوکا ۽ عجيب وغريب واقعا به ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن جيڪي سڀني جو ڌيان جو مرڪز بڻجي رهيا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس جو ڊپ ختم ڪرڻ جي لاءِ ويٽنام جي هڪ باورچي صارفين کي انوکي آڇ ڪئي هئي جنهن ۾ هن ڪورونا وائرس جي مائيڪرو اسڪوپ تصوير جيان برگر ٺاهيو هو. هاڻ هڪ ٻئي نئين شيءَ ڏسڻ ۾ آئي آهي. فلسطين سان تعلق رکندڙ ابورزاق نالي باورچي ماڻهن کي ڪورونا ڪيڪ جي آڇ ڪرڻ جو سوچيو. 

رپورٽ موجب فلسطين جي شهر غزه جي بيڪري جي باورچي ڪورونا ڪيڪ ٺاهيو جنهن ۾  ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ عورت نيري رنگ  جو فيس ماسڪ پائي رکيو آهي. ڪورونا ڪيڪ تي فيس ماسڪ سان گڏ ٺهيل عورت ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري رهي آهي ته ڪورونا وائرس کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبير ۽ سماجي دوري اختيار ڪرڻ ڪيترو ضروري آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب بيڪري طرفان سڀني کان اڳ سوشل ميڊيا تي ان ڪيڪ جو ڊيزائين تيار ڪيو ويو جنهن کان پوءِ هاڻ ڪيترن ئي ماڻهن طرفان هن ڪيڪ جي لاءِ آرڊر ڏنا پيا وڃن. ان حوالي سان باورچي ٻڌايو ته ڪيڪ جو آئيڊيا پيش ڪيو هو. هن چيو ته روزاني هن ڪيڪ کي خريد ڪرڻ صارفين جي انگ ۾ اضافو نظر اچي رهيو آهي. هن زور ڏيندي چيو ته اسان هن وائرس جي خطري کي گهٽ ته نٿا ڪري سگهون پر ان حوالي سان ماڻهن کي سماجي دوري اختيار ڪرڻ جو شعور ضرور فراهم ڪنداسين.

هن ٻڌايو ته اسان جو اسٽاف مڪمل حفاظتي قدمن سان گڏ ڪيڪ جي تياري ڪندو آهي. ياد رهي ته غزه ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جي متاثر 12 ماڻهن جي تصديق ڪئي وئي آهي جنهن کي مڪمل آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي.