ڪورونا وائرس: ڇا اوهان به آئسوليشن ۾ ٿولهه جو شڪار ٿي رهيا آهيو؟

news

لنڊن: (آچر 05 اپريل 2020ع) خطرناڪ عالمي وبا ڪورونا وائرس پوري دنيا جي نظام کي جهنجهوڙي ڇڏيو آهي. هڪ طرف ماڻهن ۾ وائرس جي پکيڙ ۽ فوتين جو سلسلو اڃان تائين رڪجي ناهي سگهيو ته ٻئي طرف مختلف ملڪن جي معيشت به تباهه ٿيندي پئي وڃي.

صرف اهوئي نه پر لاڪ ڊائون سبب سڄي دنيا ۾ گهريلو تشدد ۾ تيزي سان اضافو به سامهون آيو آهي جڏهن ته گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن جي دماغي صحت به متاثر ٿي رهي آهي. فرانس جي ماهر غذا ڊاڪٽر بيٽرائس دي رينال چيو آهي ته مون کي اها خبر ناهي ته آخر اسان ڪڏهن اهڙي صورتحال مان ٻاهر اينداسين پر مون کي ايتري ضرور خبر آهي ته ان سان ٿولهه ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان کان بچڻ جو واحد حل اهو آهي ته گهٽ  کايو.

ان حوالي سان فرنچ اسپورٽس ۽ ڪوڪنگ ڪوچ جولين مرسي  جو چوڻ آهي ته اهو اسان سڀني سان ٿي رهيو آهي ڇو ته لاڪ ڊائون سبب اسان گهرن ۾ خوش رهڻ جي لاءِ مزي مزي جا کاڌا ٺاهي کائي رهيا آهيون جڏهن ته اسان ورزش به ناهيون ڪري رهيا.

هن چيو ته مان پاڻ فرج ۾ رکيل صوف جي چونڊ ڪرڻ بجاءِ چاڪليٽ کائڻ پسند ڪندي آهيان اهوئي سبب آهي ته سڄي دنيا جي ماڻهن ۾ ٿولهه جا امڪان وڌي سگهن ٿا.

ان حوالي سان ماهرن طرفان ماڻهن کي تجويز ڏني وئي آهي ته لاڪ ڊائون سب گهرن ۾ رهي صحتمند غذا جي چونڊ ڪريو ۽ حد موجب ئي کاڌو کايو.