اسلام آباد: وزيراعظم جي سڌ سماءُ بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ٻه نه هڪ پاڪستان جو واعدو وزيراعظم پورو ڪري ڏيکاريو آهي.
ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته کنڊ ۽ ڪڻڪ جي رپورٽ ۾ شريف گروپ بي نقاب ٿي چڪو آهي. هٿرادو بحران پيدا ڪري عوام جي ڏکيائين ۾ اضافو ڪيو ويو. ليگي دور ۾ 22 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي، انڪوائري رپورٽ ۾ سلمان شهباز جو نالو به شامل آهي. شهباز شريف کنڊ ۽ ڪڻڪ بحران جي رپورٽ تي بغلون نه وڄائي، سياسي دڪانداري چمڪائڻ کان پهرين پنهنجي گريبان ۾ جهاتي پئي ڏسو.