پنجاب حڪومت پاران مالي امداد جي رقم ۾ اضافو

news

لاهور: پنجاب حڪومت 25 لک غريب ۽ مستحق خاندانن لاءِ مالي امداد جي رقم 4 هزار رپين مان وڌائي 12 هزار رپيا ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب مستحق خاندانن جي مدد لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي خصوصي درخواست تي مستحق خاندانن لاءِ مالي امداد جي رقم ۾ اضافو ڪيو ويو آهي.

25 لک غريب ۽ مستحق خاندانن لاءِ مالي امداد جي رقم 4 هزار رپين کان وڌائي 12 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. وفاقي حڪومت جي ”احساس پروگرام“ ۽ پنجاب حڪومت جي ”وزيراعليٰ پنجاب انصاف امداد پئڪيج“ جي گڏيل تعاون سان مستحق خاندانن کي ٻنهي پرگرام تحت مالي امداد جي رقم گڏيل طور ڏني ويندي.