سجاول ويجھو قادر ڏنو شاهه ۾ پوليس جي گهيري مان ڌاڙيل فرار، هڪ اهلڪار شهيد، جوابدار پڻ مارجي ويو

news

سجاول: سجاول ويجھو قادر ڏنو شاهه ۾ ٽن ضلعن جي پوليس ۽ مفرور جوابدارن وچ ۾ ارڙھن ڪلاڪ مقابلي کان پوءِ بہ پوليس جوابدارن آڏو بي وس ۽ مايوس ٿي واپس موٽي آئي.

سجاول پوليس جي حراست مان فرار ٿيل جوابدار ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس جو گھيرو ٽوڙي فرار ٿي ويا.

چائنا قونصل خاني تي دھشتگردن جو حملو ناڪام بڻائي پوري ملڪ ۾ شھرت ماڻيندڙ ايس پي سھائي عزيز ٽن ضلعن جي پوليس گڏ ھجڻ باوجود سخت مقابلي ۽ ھڪ پوليس اھلڪار شھيد ٿيڻ کانپوءِ بہ جوابدار پڪڙڻ ۾ ناڪام، پوليس ھٿ مھٽيندي رھجي وئي، فرار ٿيل جوبدار ھٿ نہ اچي سگھيا پوليس ڳوٺ جو گھيرو ختم ڪري ڇڏيو، مفرور جوابدارن جو ھڪ ساٿي پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويو پر جوبدار آساني سان فرار ٿي ويا.

گذريل مھيني 16 مارچ تي سيشن ڪورٽ ٺٽي مان شنوائي تان واپس موٽندڙ ٻن قيدي جوابدارن رمضان گجڙيو ملاح ۽ غلام حسين عرف بابو شاھ  سيد پور وٽ پوليس وين ۾ موجود اھلڪارن کان مبينا طور ھٿيار ڦري کين سخت زخمي ڪري ڇڏيو ۽ وين سميت فرار ٿي ويا، جن جو پيڇو ڪندي سجاول پوليس دڙو لڳ ڪچي جي علائقي ۾ ھڪ ڳوٺ ۾ ڇاپو ھڻي جوابدارن جي ڳولا ڪئي پر اھي آسانيءَ سان فرار ٿي ويا ۽ پوليس کي ھٿ نہ اچي سگھيا.

گذريل ڏينھن ساڳين جوابدارن جي چوھڙ جمالي لڳ قادر ڏنو شاھ ۾ موجودگيءَ جي اطلاع تي ايس پي سجاول سھائي عزيز جي قيادت ۾ سجاول پوليس، ٺٽو پوليس، بدين پوليس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر عمران، ايس پي بدين سردار حسن نيازي سان گڏ قادر ڏنو شاھ ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو ھنيو، جتي جوابدارن پوليس تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ھڪ پوليس اھلڪار شاہه نواز برھماڻي شھيد ٿي ويو، جڏھن تہ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدارن جو ھڪ ساٿي نظر عرف نظرو پکيئڙو مارجي ويو.

جنھن بعد پوليس جي وڏي نفري مسلسل ارڙھن ڪلاڪن تائين ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي رکيو پر پوليس حراست مان فرار ٿيل جوبدار ھڪ ڀيرو ٻيھر آسانيءَ سان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پوليس ناڪام ٿي واپس موٽي آئي.

واضح رھي تہ ھن کان اڳ به سجاول پوليس جي حراست مان سجاول سول ڪورٽ ٻاھران ھڪ جوابدار فرار ٿي ويو ھو، جيڪو پوليس پاران پيڇو ڪرڻ دوران پوليس اھلڪار جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو ھو.

ٻئي طرف شھيد پوليس اھلڪار جو مڙھ سندس اباڻي گوٺ پاٽ شريف ضلعو دادو اماڻيو ويو. جڏھن تہ مري ويل جوابدار نظرو پکيئڙو جو لاش ايڌي رضاڪارن جي حوالي ڪيو ويو. پوليس مطابق ھڪ ڪلاشنڪوف، رپيٽر، بندوق ۽ ٻہ موٽر سائيڪلون بہ برآمد ڪيون ويون آھن. پوليس مطابق مارجي ويل نظر پکيئڙو پڻ 12 سنگين قسم جي ڏوھن  ۾ پوليس کي گھربل ھو.

ٻئي طرف ايس پي سجاول سھائي عزيز ٽالپر رابطو ڪرڻ تي چيو تہ انشاءَ الله جلد ئي فرار ٿي ويل جوابدارن کي گرفتار ڪري وٺبو، اسان پنھنجي شھيد اھلڪار جو خون رائيگان وڃڻ نہ ڏينداسين.

ھن چيو تہ جوابدارن جو پيرا کڻي اسان درياء جي ڪچي واري علائقي ۾  گھڻو اندر وياسين جتي اسان جو گاڏيون واري اندر ڦاسي پئي ويون ۽ اتي جوابدارن جا پيرا پڻ کٽي ويا جنھن کان پوءِ اسان واپس موٽي آياسين.