لاڪ ڊائون بعد ڊجيٽل مالياتي ڏي وٺ ۽ آن لائن ڪاروبار ۾ واڌ

news

ڪراچي: شهر ۾ لاڪ ڊائون سبب ڊجيٽل مالياتي ڏي وٺ ۽ آن لائن ڪاروبار ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

گهرن تائين محدود شهرين جو وڏو انگ روزاني استعمال هيٺ ايندڙ شيون به آن لائن آرڊر ڪري رهيو آهي جڏهن ته پگهارن ۽ يوٽيلٽي بلز جي ادائيگي ۽ مستحق ماڻهن تائين مالي رقمون پهچائڻ لاءِ به آن لائن بئنڪاري جو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي، مختلف علائقن ۾ علائقائي سطح تي گهرن تائين روزاني استعمال جون شيون پهچائڻ جي سروس شروع ڪئي وئي آهي.

جن ۾ دوائون، کير، ناشتي جو سامان، گوشت، مرغي، سبزي ۽ ٻيون شيون شامل آهن، هيئر ڊريسرز ۽ سيلون هلائڻ وارا به حجامت يا وار ٺهرائڻ جي هول سروس ڏئي رهيا آهن، شهرين موجب لاڪ ڊائون دوران آن لائن خريداري ۽ هوم سروس جي سهولت سان ڪورونا جي خطري جو مقابلو ڪرڻ ۾ سولائي ٿي رهي آهي ۽ هنن حالتن ۾ بيروزگاريءَ جو شڪار ماڻهن لاءِ به روزگار کلي ويو آهي.

بئنڪن ۾ واهپيدارن جي رش سبب ڪورونا وائرس جي ڦهلاءَ جو انديشو هوندو آهي، جنهن کانپوءِ واهپيدار متبادل ڊجيٽل چينل وسيلي فائدو وٺي رهيا آهن، جنهن بعد بئنڪن جي آن لائن ڊليوري سسٽم تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، جنهن کي جاري رکڻ لاءِ بئنڪن خاص قدم کنيا آهن، بئنڪن جو چوڻ آهي ته موبائل ۽ آن لائن بئنڪاري جو رجحان وڏي تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي ۽ فيبروري جي ڀيٽ ۾ مارچ دوران آن لائن ۽ موبائل بئنڪاري ٽرانزيڪشنز ۾ 200 سيڪڙو تائين ڪاروبار وڌي ويو آهي.