ڳوٺ گهارواهه جي رهواسين چوهڙ جمالي پريس ڪلب پهچي حملو ڪندڙن خلاف احتجاج ڪيو

news

چوهڙ جمالي: تعلقي شاهه بندر جي ڳوٺ گهارواھ جي رهواسين علي مانڌريو ۽ سندس پٽ اشرف مانڌريو چوهڙ جمالي پريس ڪلب پهچي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪجھ ڏينهن اڳ لاڏيون ٿاڻي جي حد ۾ گرڊ اسٽيشن روڊ تي هٿياربند ڦورن روڪي سخت تشدد جو نشانو بڻائي اسان جون ٻانهون ڀڃي ڇڏيون ۽ پسٽل جا سڌا فائر ڪري گوليون هڻي زخمي ڪري موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

هنن چيو ته لاڏيون پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ڪري، هنن چيو ته پوليس ڏوهارين جي ٻانهن ٻيلي بڻيل آهي جنهن ڪري اسان کي لاڏيون پوليس مان جوابدارن جي گرفتاري توڙي انصاف جي ڪابه اميد نه آهي.

زخمي علي مانڌريو اکين مان ڳوڙها هاريندي چيو ته جوابدارن اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي، اسان کي انصاف ملڻ گهرجي. هنن آء جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي سجاول کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.