پاڪستان ۾ ڪورونا سبب چوونجاهه ڄڻا فوت، ٽي هزار اٺ سئو چوهٺ متاثر

news

اسلام آباد: (اڱارو 07 اپريل 2020ع) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب 54 ڄڻا فوت ۽ 3864 ڄڻا متاثر ٿي چڪا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 577 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

تارن انگن اکرن موجب پنجاب ۾ هن وقت ڪورونا سبب 1918. سنڌ 932 ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 500 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. بلوچستان صوبي ۾ 202 ۽ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 83 ڪورونا وائرس جا متاثر ڪيس سامهون اچي چڪا آهن. رپورٽ موجب گلگت بلتستان ۾ 211 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 18 ڪورونا وائرس جا متاثر ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

پاڪستان ۾ گڏيل طور تي ڪورونا جا 429 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس سبب سنڌ ۾ 17، پنجاب 15، خيبرپختونخواهه 17، اسلام آباد 1، بلوچستان 1 ۽ گلگت بلتستان ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب پاڪستان ۾ ڪورونا جا 59 سيڪڙو مريض پرڏيهه مان آيا آهن ۽ 41 سيڪڙو مقامي آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3088 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا جي 28 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سڄي ملڪ ۾ 462 اسپتالن ۾ آئسوليشن جي سهوليت موجود آهي جن مان 7295 بيڊز موجود آهن. هن وقت تائين 328 قرنطينه مرڪز قائم ڪيا ويا آهن جن ۾ 16737 مريضن کي رکيو ويو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جزوي لاڪ ڊائون ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ عوامي هنڌن تي مڪمل پابندي لاڳو آهي ۽ تعليمي ادارا به بند آهن.