ڀارت ۾ بي جي پي اڳواڻ پاران ڪورونا کي ڀڄائڻ لاءِ هوائي فائرنگ

news

نئين دهلي: (اڱارو 07 اپريل 2020ع) ڀارت ۾ مودي جي پارٽي جي مشهور مقامي اڳواڻ منجو تيواري ڪورونا وائرس کي ڀڄائڻ جي لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ(گوڪورونا گو) جا نعرا به لڳائيندي رهي.

ڀارتي ميڊيا موجب وزيراعظم مودي جي اپيل تي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن جي دوران ميڻ بتيون ٻاريون ويون ۽ ڪورونا کي شڪست ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. اتر پرديش رياست ۾ ڀارتي جنتا پارٽي جي عورت اڳواڻ منجو تيواري پنهنجي وزيراعظم  جي حڪم جي پوئيواري عجيب وغريب طريقي سان ڪئي.

عورت اڳواڻ نائن ايم ايم پسٽل سان هوائي فائرنگ ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ(گو ڪورونا گو) جا نعرا به لڳائيندي رهي.  ياد رهي ته منجو تيواري نه صرف هوائي فائرنگ ڪئي پر وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي به شيئر ڪئي جنهن تي اپوزيشن پارٽين سميت عوام ۾ به  کيس سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو جنهن کان پوءِ پوليس عورت  اڳواڻ جي خلاف ايف آءِ آر  داخل ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کان پوءِ حڪمران پارٽي جي اڳواڻ کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو ۽ هن پنهنجي غيرقانوني قدم تي معافي گهرندي چيو ته مان يڪجهتي وارو ڏهاڙو هولي جيان ملهايو ان لاءِ فائرنگ ڪئي.