راضي ديرو ۾ ڪرونا وائرس جو امڪاني شڪي مريض ظاھر، ٽيسٽ لاء گمس منتقل

news

گمبٽ( تسليم عباسي) راضيديرو شھر جو رھواسي نوجوان حاڪم علي پٽ فدا حسين ڪلھوڙو جيڪو ڪافي عرصي کان لاڙڪاڻي شھر ۾ ھڪ فيملي جو ڊرائيور مقرر ھيو کي مبينہ ڪرونا وائرس جو مرض وڪوڙي ويو آھي، رھواسين ٻڌايو ته نوجوان ڊرائيور کي ڪرونا جي شڪ سبب گمس اسپتال ڏانھن چڪاس لاء اماڻيو ويو آھي.

ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي گمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي آن لائن انڊس ٽي وي  کي ٻڌايو ته نوجوان اسان وٽ پھتو آھي، ٽيسٽون ڪرڻ کانپوء ئي پتو لڳائي سگھبو.