ڪرڪيٽ جي خالي ميدانن تي ميچ ڪرائڻ جي تجويز کي رد ڪيو ويو

news

ڪراچي: (اڱارو 07 اپريل 2020ع) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس ڪرڪيٽ جي خالي ميدانن تي ميچ ڪرائڻ جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب آسٽريليا جي ٽيم جي ڪوچ جسٽن لينگر چيو هو ته ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ ڪرڪيٽ جي دنيا کي بحران کان بچائڻ لاءِ خالي اسٽيڊيم ۾ ميچ جي منصوبي تي ڪم شروع ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان قومي ٽيم جي بالنگ ڪوچ وقار يونس ان تجويز جي مخالفت ڪندي چيو ته هن وقت ڪنهن هڪ ملڪ کي نه پر پوري دنيا  کي ڪورونا وائرس جي چيلنج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هينئر اهڙيون ڳالهيون سوچڻ جو وقت ناهي.  چئن يا پنجن مهينن کان پوءِ حالتون ڪنٽرول ۾ اچي وينديون ته ڪونه ڪو حل نڪري ايندو. ٿي سگهي ٿو ته هن وقت خالي اسٽيڊيم ۾ ميچ ڪرائڻ جو فيصلو به مناسب ناهي هن وقت ڪو تڪڙ ۾ قدم کڻڻ جي به ضرورت ناهي. وڊيو ڪانفرنس ۾ هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا ۾ في الحال ڪورونا  جي ايتري وڌيڪ پکيڙ نظر نه پئي اچي. اميد آهي ته حالتون جلد بهتر ۽ دنيا به نارمل ٿي ويندي. صورتحال ڏسڻ کان پوءِ ميگا ايونٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪرڻو پوندو.

ميچ شروع ڪرائڻ ۾ ٿوري دير به ڪرائي سگهجي ٿي. هڪ سوال تي وقار يونس چيو ته پي ايس ايل کان پوءِ فارغ وقت جو بهترين استعمال ڪرڻ لاءِ اسان هڪ سٺو پلان واضح ڪري ڇڏيو هو انگلينڊ جي دوري جي تيارين جي لاءِ  گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا پر هاڻ اهو ممڪن ناهي. پاڪستان جي انگلينڊ ۾ ڪارڪردگي هميشه سٺي رهي آهي ۽ رانديگرن جي اعتماد ۾ به اضافو ٿيندو آهي پر هاڻ اهو موقعو به هٿ مان نڪرندي نظر اچي رهيو آهي.