news
ملير

گلشن حديد جو مشهور ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو ڪورونا سبب فوت

ملير( دريا خان شر) ضلع ملير جو مشهور ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو ڪورونا وائرس سبب دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڪيترن ئي ڏينهن کان ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو کي ڪورونا وائرس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ قرنطينه ۾ رکيو ويوهو، جنهن سبب ڪالهه هُن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو ملير جو مشهور چمڙي جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر هو ۽ الخدمت اسپتال ملير ۾ ايم ايس جون ذميواريون سر انجام ڏئي رهيو هو.