news
نوابشاھ

نواب شاهه ۾ هڪ سوڊاني شهريءَ ۾ وائرس جي سڃاڻپ، پي ايم يو منتقل

نوابشاهه(رپورٽر) ليبر ڪالوني نوابشاهه ۾ قائم ٿيل قرنطينه سينٽر مان هڪ تبليغي سوڊان جي رهواسي 28 ورهين جي عمار احمد کي ڪورونا وائرس پازيٽيو اچڻ تي کيس پي ايم يو اسپتال نوابشاهه جي آئسوليشن روم ۾ داخل ڪيو ويو آهي، نوابشاهه ۾ هاڻي ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا جي شڪ ۾ داخل ٿيل ٻه ڄڻا مير مدد خان ۽ شينار خان پٺاڻ جي ٽيسٽ نيگيٽوو اچي وئي آهي.