فيس بڪ صارفين جي لوڪيشن جاچ ڪندڙ ادارن کي شيئر ڪئي پئي وڃي

news

لاهور: (اڱارو 07 اپريل 2020ع) سماجي رابطي جي ويب سائٽ فيس بڪ اعتراف ڪيو آهي ته صارفين جي لوڪيشن جاچ ڪندڙ ادارن کي ڏني پئي وڃي جنهن جو مقصد اهو پتو لڳائڻو آهي ته ماڻهو گهرن ۾ ويهي رهيا آهن يا نه.؟

صارفين جي لوڪيشن فيس بڪ سان گڏ لاڳاپيل 150 کان وڌيڪ ادارن کي فراهم ڪئي پئي وڃي جيڪي ڪورونا وائرس بابت جاچ ڪري رهيا آهن. لوڪيشن شيئر ڪرڻ جو مقصد ان ڳالهه جي خبر وٺڻي آهي ته ماڻهو گهرن ۾ ويهي رهيا آهن يا نه.؟ قدمن جو مقصد ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ آهي جنهن سبب 13 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.

ايپ جي ذريعي اهڙن هنڌن جي به نشاندهي ڪئي پئي وڃي جتي ماڻهن جو ملڻ جلڻ وڌيڪ هجي ۽ ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو به امڪان هجي.

فيس بڪ چيو آهي ته هن قدم سان صارفين جي پرائيويسي متاثر نه ٿيندي ۽ شروعاتي طور صرف آمريڪي صارفين جو ڊيٽا شيئر ڪيو پيو وڃي.