ثقلين مشتاق جي ڌيءَ پيءُ کي ميڪ اپ ڪري ڇڏيو، وڊيو وائرل

news

ڪراچي: (اڱارو 07 اپريل 2020ع)   ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ جاري لاڪ ڊائون جي ڪري تقريبن سمورا ماڻهو گهرن ۾ بند رهجي ويا آهن. مشهور شخصيتون اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن کي محفوط ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي گهرن ۾ دلچسپ سرگرمين جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري رهيا آهن.

اڳوڻو رانديگر ثقلين مشتاق به گهر ۾ موجود آهي ۽ هن سوشل ميڊيا تي انتهائي دلچسپ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ان جو حليو بدليل نظر اچي رهيو آهي. ثقلين مشتاق جي چهري تي ميڪ اپ لڳل آهي ۽ مٿي تي ڳاڙهي وارن جي وگ به موجود آهي. اڳوڻي رانديگر پنهنجي هن حالت جي ذميواري پنهنجي ڌيءَ کي قرار ڏيندي چيو ته اسان هن وقت قرنطينه ۾ آهيون ۽ منهنجو هي حال هن ميڪ اپ آرٽسٽ ڪيو آهي.

مان پنهنجي هي وڊيو ٽوئٽر تي شيئر ڪري رهيو آهيان اميد آهي ته اوهان کي پسند ايندي. ثقلين مشتاق وڌيڪ چيو ته هن مون کي زبردستي چيو ته مون سان کيڏڻ چاهي ٿي ۽ هاڻ منهنجو ميڪ اپ ڪري تمام گهڻو خوش آهي.

وڊيو جي آخر ۾ اڳوڻي رانديگر سمورن ماڻهن کي گهرن ۾ هڻ جي هدايت ڏيندي چيو آهي ته محفوظ رهو، خوبصورت نظر اچو ۽ پنهنجي پيارن جي ڪمپني مان مزا ماڻيندا رهو.