ڪورونا وائرس: لاڪ ڊائون دوران شادي جي تقريب، گهوٽ ۽ ڪنوار گرفتار

news

ڪيپ ٽائون: (اڱارو 07 اپريل 2020ع) ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا وائرس لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس شادي جي تقريب تي ڇاپو هڻي گهوٽ، ڪنوار، ڄاڃين، ميزبانن ۽ پادري کي گرفتار ڪري ورتو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون آهي ۽ سمورين سماجي تقريبن تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. جنهن جي ڀڃڪڙي تي هڪ نئين شادي ڪندڙ جوڙي کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پئي.

ڏکڻ آفريڪا جي صوبي ڪوازولو ناتال ۾ شادي جي تقريب جاري هئي ۽ 40 مهمانن جي وچ ۾ گهوٽ ڪنوار زندگي جا خواب اکين ۾ سجائيندي هڪ ٻئي سان قسم واعدا ڪري رهيا هئا ته پوليس ڇاپو هنيو. پوليس لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي نه صرف سمورن مهمانن پر رسم جي ادائيگي ڪندڙ پادري کي به گرفتار ڪري ورتو.

جنهن کان پوءِ پوليس گهوٽ ۽ ڪنوار کي به گرفتار ڪري ٿاڻي کڻي ويا.  پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن کي سڀاڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. اهڙي  طرح گهوٽ ڪنوار کي پنهنجي شادي جي پهرين رات جيل ۾ ڪاٽڻي پئي. سوشل ميڊيا  تي پوليس پاران ڪيل ڪارروائي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ جوڙي کي پوليس وين ۾ ويهاريندي ڏسي سگهجي ٿو.