ٽنڊو محمد خان لڳ بٺورو روڊ جي رهواسڻ پاران پوليس زيادتين خلاف احتجاج

news

ٽنڊو محمد خان: ٽنڊو محمد خان لڳ بٺورو روڊ جي رهواسڻ مسمات ثمرين چانڊيو سٽي پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي الزام هنيو آهي تي ٽنڊو محمد خان سٽي پوليس بنا جواز اسان کي تنگ ڪري رهي آهي.

پوليس پاران زبردستي ڀتو ڏيڻ جي گهر ڪئي وئي جيڪا نه ڏيڻ ڪري اسان مٿان بنا جواز منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان شريف شهرين جي تذليل ڪري رهي آهي، پوليس اهلڪار هر روز منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري منهنجي ڀاءُ امتياز چانڊيو کي گرفتاري ڪري مٿان 1000 مين پوڙين جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.

اسان غريب مسڪين ڪاٺين جو واپار ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪري رهيا آهيون پوليس جي ظلم کان تنگ اچي ويا آهيون، اسان غريب مسڪين پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪري رهيا   آهيون، اسان غريبن وٽ ايتري رقم نه آهي جو پوليس کي ڀتو ڏئي سگهون.

هن چيو منهنجي پيرسن امڙ ڪاٺيون وڪرو ڪري ٿي پر پوليس اهو به اسان جي گذرسفر جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي.

هنن آءِ جي  سنڌ، ڊي آءِ جي حيدر آباد سميت اعليٰ اختيارين کان انصاف جو مطالبو ڪندي چيو منهنجي ڀاءُ مٿان لڳايل منشيات جو ڪوڙو ڪيس ختم ڪري، اسان کي پوليس جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي.