واٽس ايپ گروپ ڪالنگ جو طريقو وڌيڪ آسان بنائي ڇڏيو

news

لاهور: (اربع 08 اپريل 2020ع) مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارم انٽرنيٽ صارفين کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏيڻ لاءِ هر ٻئي ڏينهن پنهنجي فيچر ۾ تبديليون آڻي رهيا آهن.

ڪجهه ڏينهن اڳ واٽس ايپ سڄي دنيا ۾ پکڙجندڙ ڪورونا وائرس جي حوالي سان سوشل ميڊيا  تي هلندڙ ڪوڙين ۽ گمراهه ڪندڙن خبرن کي روڪڻ جي لاءِ فارورڊ ميسج جي طريقيڪار کي سخت ڪري ڇڏيو هو. هاڻ واٽس ايپ انتظاميه پنهنجي صارفين جي لاءِ گروپ ڪالنگ جو طريقو وڌيڪ آسان بنائي ڇڏيو آهي.

پهرين گروپ چيٽ ۾ ڪال ڪرڻ جي لاءِ واٽس ايپ صارفين کي گروپ جي ماڻهن کي ڌار ڌار ڪلڪ جي ذريعي آڊيو يا وڊيو ڪال ۾ شامل ڪرڻو پوندو هو.  پر هاڻ واٽس ايپ انتظاميه چئن ماڻهن يا ان کان گهٽ جي گروپ لاءِ آڊيو، وڊيو ڪالنگ جي طريقيڪار کي انتهائي آسان ڪري ڇڏيو آهي.

يعني هاڻ چار يا گهٽ ماڻهن جي گروپ جي ماڻهن سڌو سنئون آڊيو يا وڊيو ڪال جي بٽڻن کي ڪلڪ ڪري گروپ ڪالنگ جي فيچر مان مستفيد ٿي سگهن ٿا.