ٽوئٽر جي باني جيڪ ڊورسي ڪورونا فنڊ لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news

لنڊن:(اربع 08 اپريل 2020ع) ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ پنهنجو حصو وجهندي مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر جي شريڪ باني ۽ چيف ايگزيڪٽو آفيسر(سي اي او) جيڪ ڊورسي هڪ ارب ڊالر جي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

عالمگير وبا ڪورونا کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ سياسي، سماجي شوبز، اسپورٽس ۽ ٻين مشهور شخصيتن طبي سامان فنڊز، راشن مهم وغيره جي ذريعي اڳيان اڳيان آهن. اهڙي ۾ ئي ٽوئٽر جي سي اي او به ڪورونا بابت امدادي سرگرمين جي لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جيڪ ڊورسي جو چوڻ آهي ته ريليف ۾ ڏنل اها رقم منهنجي ذاتي دولت جو 28 سيڪڙو آهي. هن چيو ته هن وبا کي قابو ڪرڻ کان پوءِ ٻارن جي صحت ۽ تعليم تي ڌيان هوندو.

واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب ٽوئٽر ملازم به متاثر آهن جنهن کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي.

ان کان علاوه ٽوئٽر ڪورونا وائرس جي خوف سبب  پوري دنيا ۾ موجود پنهنجي آفيسن کي بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ سمورن ملازمن کي گهر ۾ ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.