news
اسلام آباد

پمز اسپتال جي ٽن ڊاڪٽرن ۽ هڪ نرس ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ

اسلام آباد: پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز(پمز) ۾ خدمتون انجام ڏيندڙ ٽن ڊاڪٽرن ۽ هڪ نرس ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.

ذريعن موجب پمز اسپتال ۾ ٻن ڏينهن دوران 26 مان 23 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي جن ۾ طبي عملو به شامل آهي.

متاثر ٿيندڙ ڊاڪٽرن ۽ نرس ڪورونا آئسوليشن وارڊ ۾ پنهنجون خدمتون ڏئي رهيا هئا ۽ هاڻ هنن کي ٻي جاءِ تي آئسوليٽ ڪيو ويو آهي.

ڪورونا کان متاثر ڊاڪٽرن ۽ نرس جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، پمز انتظاميا چيو آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران 26 شڪي مريضن جي ڊيٽا قومي صحت کاتي ڏي موڪلي وئي هئي جن مان 23 ماڻهن جي رزلٽ پازيٽو اچڻ بعد انهن کي مختلف جاين تي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي