پاڪ فوج ايل او سي جي ڀڃڪڙي تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو

news

راولپنڊي (خميس 09 اپريل 2020ع) لائن آف ڪنٽرول(ايل او سي) جي ڀڃڪڙي تي پاڪ فوج ڀارتي ڊرون تباهه ڪري ڇڏيو.

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستاني فوج فوري طور تي جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جو اهڙو قدم فضائي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، ايل او سي وٽ سنگ سينٽر ۾ ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب، پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو.

آءِ ايس پي آر موجب،ڀارتي ڪواڊ ڪاپٽر فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندي پاڪستاني حدن ۾ 6 سئو ميٽر تائين اندر آيو،ڀارتي فوج جي اهڙو قدم پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فضائي معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي فوج اهو قدم سيز فائر بابت 2003 جي معاهدي ڀڃڪڙي آهي.