چوهڙ جمالي ۾ شاھبندر روڊ تي سوزوڪي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، هڪ ٻار سميت پنج زخمي

news

چوھڙجمالي(رپورٽ: محمد علي جتوئي) شاھبندر روڊ تي سوزوڪي چنگچي رڪشا کي ٽڪر هنيو جنهن ڪري ھڪ ٻار سميت پنج ڄڻا زخمي سوزوڪي ڊرائيور فرار.

چوھڙجمالي شاھ بندر روڊ تي ميران شاھ قبر ستان وٽ تيز رفتار سوزوڪي پڪ اپ چنگچي رڪشا کي ٽڪر ھنيو جنھن جي ڪري چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿي پيو، نتيجي ۾ ھڪ ٻار سميت پنج ڄڻا الھورايو رند، مبارڪ سولنگي، ٻارڙي شميم سولنگي ۽ گل سولنگي سخت زخمي ٿي پيا جن کي چوھڙ جمالي شھر جي پرائيويٽ اسپتال آندو ويو جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ بعد  کين فارغ ڪيو ويو، جڏھن ته سوزوڪي ڊرائيور چنگچي رڪشا کي ٽڪر ھڻي موقعي تان فرار ٿي ويو، ٻئي طرف چوھڙ جمالي پوليس حادثي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آھي.