news
گولاڙچي

ترڪيءَ مان موٽندڙ شڪي ڪرونا متاثرن جا ٽيسٽ ورتا ويا، نتيجن جو انتظار

گولاڙچي(رپورٽ: ساجد اقبال راجپوت) انڊس اسپتال بدين مان آيل ٽيم رفيق ۽ ڪاشف جي جانچ ڪئي، ڪاشف بدين انڊس منتقل جڏهن ته رفيق پنهنجي گهر ۾ قرنطينه ۾ ويٺل آهن.

استنبول ايئرپورٽ تي ڦاٿل پاڪستاني شهري جيڪي ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پاڪستان پهتا جن مان ايئرپورٽ انتظاميه جي ڪوتاهي سبب گولاڙچي واسي ٻه شڪي رفيق ۽ ڪاشف گولاڙچي پهتا جن کي شروعاتي طور پنهنجي قرنطينه ڪيو ويو هو، انڊس اسپتال بدين مان آيل ٽيم گولاڙچي جي ڪرونا فوڪل پرسن ڊاڪٽر احمد کٽي جي اڳواڻي ۾ سندن ڪرونا ٽيسٽ ڪيو، ٽيسٽ جي نتيجن جو انتظار جاري آهي جڏهن ته هڪ شڪي ڪاشف کي آئسوليٽ ڪرڻ لاءِ انڊس اسپتال بدين منتقل ڪيو ويو جڏهن ته رفيق پنهنجي گهر ۾ پوليس جي پهري ۾ پنهنجي گهر اندر قرنطينه ۾ ويٺل آهي