news
ڪراچي

ڪراچي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا ست ڀاتي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

ڪراچي: شهر ۾ هڪ ئي ڪٽنب سان تعلق رکندڙ هڪ سال جي پٽ سميت ست ماڻهن ۾ وائرس جي سڃاڻپ.

سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته جنهن ڳالهه جو ڊپ هو اهوئي ٿيو، هڪ ئي ڪٽنب جي 7 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس ظاهر ٿيو آهي، وچ ضلعي جي ڪچي آبادي ۾ فيملي جو اڳواڻ ٻاهر کان وائرس کڻي آيو جنهن سان هڪ سال جو پٽ ۽ 6 سالن جي ڌيءَ سميت پوري ڪٽنب ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 642 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 92 ڪيس ظاهر ٿيا، هن وقت سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن جو ڪل انگ 1128 آهي جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا سبب هڪ موت ٿيو جنهن کان پوءِ ڪل انگ 21 ٿي ويو، ان کان علاوه صوبي ۾ 349 وڌيڪ تندرست ٿيا.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪچي آبادي ۾ رهندڙ ڀائر ۽ ڀينرون راشن ۽ امداد جو سامان ضرور وٺن پر ڪورونا کي گهر نه کڻي وڃن، راشن يا امداد وٺڻ وقت هڪٻئي وچ ۾ فاصلو رکيو وڃي. 

هن چيو ته اها ڳالهه غلط آهي ته ماڻهو بک وگهي خودڪشيون ڪري رهيا آهن، عوام تڪليف ۾ ضرور آهي پر حڪومت انهن جو ڀرپور ساٿ ڏئي رهي آهي، جڏهن لاڪ ڊائون ختم ٿيندو ته زندگي نون اصولن سان شروع ٿيندي، توهان کي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي صحت جو خيال ضرور رکڻو پوندو.