news
چوھڙ جمالي

شاهه بندر تعلقي ۾ ڪورونا جو پهريون ڪيس ظاهر، ضلعي ۾ انگ ٻه ٿي ويو

چوهڙجمالي ( رپورٽ: محمد علي جتوئي ) شاھ بندر تعلقي ۾ ڪورونا جو پھريون ڪيس ظاھرٿيڻ کانپوءِ ضلعي ۾ انگ ٻه ٿي ويوٻيون ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد خوف ۽ حراس پکڙيل. 

 چوھڙجمالي ڀرسان ڳوٺ حسن شاھ جنڊاڙو جي رھواسي حنيف ولد رشيد ڪنڀار جي ڪورونا وائرس جي رپورٽ پازيٽوو اچي وئي آهي، ان سلسلي ۾ ڪورونا جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر ابراهيم ميمڻ موجب متاثر نوجوان 5 اپريل تي تبليغي جماعت مان سجاول آيو ھو جنھن کي سجاول ۾ ئي ھڪ ڪمري ۾ رکي ٽيسٽ ورتي وئي هئي جيڪا اڄ پازيٽو آئي آهي، ڪورونا جو اهڙو ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو آهي.