ڪائونسلر راشن بيگ غريبن ۾ ورهائڻ بدران سکين ستابن کي ڏنا آهن: نوابشاهه واسي مولانا محمد بخش لاکو

news

نوابشاهه: نوابشاهه جي يوسي 2 جي وارڊ نمبر 4 جي مسجد جي پيش امام مولانا محمد بخش لاکو نوابشاهه پريس ڪلب پهچي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته اسان جي وارڊ جو ڪائونسلر ذوالفقار کوکر تازو ڪورونا جي وباءُ بعد حڪومت پاران ڏنل راشن بيگ علائقي جي غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهائڻ بدران صرف پنهنجي پسند وارن ۽ سکين ستابن ماڻهن کي راشن جا بيگ ڏنا آهن.

هن چيو ته سندس گهر جي ڀرسان منهنجو پيرسن والد الهه جڙيو ۽ ٻه پورهيت ڀاءُ عبدالجبار ۽ غلام ياسين رهن ٿا، مون ڪائونسلر کي گذارش ڪئي ته اوهان علائقي جي مسڪينن ۽ غريبن کي سڀ کان پهريان رليف جو سامان ڏيو پر افسوس ڪائونسلر ڪنهن به غريب ۽ مسڪين کي اٽي جو پاءُ به نه ڏنو آهي.