لمس پرووائيس چانسلر جي سيٽ لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ ۽ رجسٽرار جي سيٽ تي ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا مقرر

news

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) گورنمينٽ آف سنڌ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ ڊپارٽيمينٽ پاران لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي پرووائيس چانسلر  جي سيٽ لاءِ چار سالن تائين پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ کي مقرر ڪيو ويو آهي.

جڏهن ته لمس يونيورسٽي جي وائيس چانسلر  پروفيسر ڊاڪٽر بيکارام ديوراجاڻي پاران لمس يونيورسٽي جي رجسٽرار جي سيٽ  تي ڊاڪٽر سروپ ڀاٽيا کي مقرر ڪندي کيس عارضي طور تي اضافي چارج ڏني وئي آهي.