اتروزيرستان ۾ آپريشن دوران ست دهشتگرد مارجي ويا، ٻه جوان شهيد

news

راولپنڊي: (ڇنڇر 11 اپريل 2020ع) اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري 7 دهشتگردن کي انجام تائين پهچائي ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ فوج جا 2 جوان پڻ شهيد ٿي ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اتر وزيرستان جي علائقي ذاڪر خيل ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو ويو.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا.

پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 جوان به شهيد ٿيا آهن، جن ۾ 23 ساله شهيد مومن شاهه جو تعلق ڊيره اسماعيل خان سان هو،

31 ساله سپاهي محمد شاهه جو تعلق ايبٽ آباد سان هو. هن پوئيئرن ۾ بيوه ۽ 3 ٻارڙيون ڇڏيون آهن. آءِ ايس پي آر موجب واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورس علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.