ڀارتي فوج جي ايل او سي تي گولا باري، چار شهري زخمي

news

راولپنڊي: (ڇنڇر 11 اپريل 2020ع) ڀارتي فوج هڪ دفعو ٻيهر لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندي گولا باري شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ چار شهري زخمي ٿي پيا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب ايل او سي تي ڀارتي فوج طرفان 24 ڪلاڪن دوران ڪيترن ئي هنڌن تي گولا باري ڪئي وئي ۽ مارٽر گولن جو استعمال ڪيو ويو.

ڀارتي فوج طرفان شاردا، ڊهنڊيال ۽ شاهه ڪوٽ سيڪٽر ۾ شهري آبادي کي نشانو بنايو ويو. گولا باري سبب اتي رهندڙ 4 شهري زخمي ٿي پيا. زخمي ٿيندڙن ۾ 15 ساله ڇوڪري به شامل آهي.

پاڪ فوج پاران جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي فوجين جي چوڪين کي نشانو بنايو ۽ ان جي توبن کي خاموش ڪرائي ڇڏيو.

واضح رهي ته هلندڙ سال ڀارت سيز فائر معاهدي جي 708 ڀيرا ڀڃڪڙي ڪري چڪو آهي. هلندڙ سال ڀارتي فوج جي فائرنگ سبب 2 شهري شهيد ۽ 42 زخمي ٿي چڪا آهن.