news
ٽنڊو ڄام

ٽنڊو ڄام ۾ تبليغي جماعت جي تيرنهن ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ،شهر ۾ انگ پنڌرنهن ٿي ويو

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام ۾ تبليغي جماعت جي وڌيڪ 13 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق، هڪ غير ملڪي به شامل، ٽنڊوڄام ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 15 ٿي ويو، عوام ۾ خوف.

 ٽنڊوڄام ۽ ان جي آسپاس علائقن  جي مسجدن ۾ ترسيل تبليغي جماعت جي 13 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.

ڏهه ڏينهن اڳ صحت کاتي ۽ پوليس پاران ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي مسجدن ۾ تبليغي ماڻهن جي موجودگي جي اطلاع تي انهن مسجدن ۾ پهچي، انهن کي مسجدن ۾ آئيسوليٽ ڪيو هو، جن جي خميس ڏهاڙي ڪورونا جي ٽيسٽ ڪرائي ويئي جنهن ۾ عمر فاروق مسجد ٽنڊوقيصر جي 12 ڄڻن مان 2 ڄڻن کي، مسجد محرم سولنگي ٽنڊو قيصر ۾ 5 ڄڻن مان 2 ڄڻن، ڪنڀار مسجد موسى کٽياڻ جي 10 ڄڻن مان 1 ڄڻي، مسجد خليفه ٽنڊوقيصر ۾ 12 مان 1 ڄڻي، مسجد رحم علي مري يوسي سانوڻ گوپانگ جي 10 ڄڻن مان 2 ڄڻن، گلاب ميرجت يو سي سانوڻ خان گووپانگ جي مسجد ۾ 6 ڄڻن مان 2 ڄڻن، مسجد بچل ساند مسو ڀرڳڙي ۾ 11 ڄڻن مان 1 ڄڻي، مدينه مسجد ٽنڊوقيصر ۾ 11 ڄڻن مان 2 ڄڻن کي ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ڪئي ويئي آهي.

 متاثر تبليغين ۾ هڪ پرڏيهي به شامل آهي، جنهن جو تعلق سائوٿ آفريڪا سان آهي جڏهن ته باقي متاثر تبليغن مان چئن جو تعلق خيبر پختونخواهه جي پشاور، ٻن جو تعلق سوات ۽ هڪ جو تعلق نوشهره سان آهي.

 ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد صحت کاتي جي عملدارن ۽ پوليس پهچي متاثر مريضن کي حيدرآباد قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو آهي،

 واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ به ٽنڊوڄام جي هڪ مدرسي ۾ ترسيل تبليغين مان ٻن تبليغين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي جن کي پڻ حيدرآباد جي قرنطينه مرڪز منتقل ڪيو ويو هو اهڙي طرح ٽنڊوڄام ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 15 ٿي ويو آهي جيڪي سمورا تبليغي آهن، ٽنڊوڄام ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ سبب ٽنڊوڄام ۽ ڀرپاسي جي رهواسين ۾ سخت خوف ۽ هراس ڦهلجي ويو آهي.