news
بدين

بدين ضلعي ۾ ڪورونا جو ٻيو ڪيس ظاهر، ترڪي کان موٽندڙ گولاڙچي واسي ۾ وائرس جي سڃاڻپ

بدين(رپورٽ: تنوير احمد) بدين ضلع ۾  ڪورانا وائرس جو ٻيو مريض ظاهر ترڪي مان موٽي آيل  گولاڙچي واسي واپاري ۾ ڪورانا وائرس جي سڃاڻپ۔

 گولاڙچي سان تعلق رکندڙ واپاري رفيق آرائين جيڪو هڪ زرعي دوا ساز ڪمپني جي خرچ تي استمبول ترڪي گهمڻ ويل هو ۽ ٻه ڏينهن پهرين اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهچڻ بعد ڪورانا جي شڪ سبب اسلام آباد ۾ ئي قرنطينه ڪيو ويو پر اتان فرار ٿي پنهنجي گهر پهچي ويو هو، پاڙي وارن جي شڪائت بعد ضلع انتظاميه ۽ هيلٿ کاتي پاران سندس ورتل ڪورانا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي جنهن بعد کيس انڊس اسپتال ۾ جي آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي جنهن جي تصديق تعلقه گولاڙچي ۾ صحت کاتي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر احمد کٽي پڻ ڪئي آهي۔